رمضان جت

رمضان جت: ڳوٺ رمضان جت ضلعي بدين ۾ آهي. هن ڳوٺ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام، جيڪو ’گنج‘ جي نالي سان مشهور آهي ۽ جنهن کي ميين اسماعيل شاهه گڏ ڪرايو هو، ان گنج جو ڪاتب، فقير عبدالعليم عرف وڏل شاهه هن ڳوٺ جو رهاڪو هو. هن شاهه صاحب جي ڪلام کي خوبصورت اکرن ۾ لکي پورو ڪيو هو. هي گنج ڀٽ شاهه تي تمر فقير واري وڏيءَ اوطاق ۾ رکيل آهي. هن رسالي جو هر جمعي تي عام ماڻهن کي ديدار ڪرايو ويندو آهي.


لفظ رمضان جتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو